سپريم ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت جي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت جي ٻڌڻي

سکر(بيورو رپورٽ) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري الزام جي ڪيس ۾ گرفتار پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه پاران ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي 17 فيبروري تي جسٽس مشير عالم، جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي تي ٻڌل بينچ ڪندي. جڏهن ته خورشيد شاهه جو وڪيل مڪيش ڪمار ڪارڙا پيش ٿيندو، ياد رهي ته سيد خورشيد احمد شاهه کي 18 سيپٽمبر 2019 تي هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جا وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو