سپريم ڪورٽ کي نيب ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي: عدالت

سپريم ڪورٽ کي نيب ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي: عدالت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالتِ عظميٰ وڏو فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ کي نيب ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي. سپريم ڪورٽ نيب ترميم کانپوءِ عدالتي اختيارن بابت مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس محمد علي مظهر مختصر فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو ته نيب ڪيسن ۾ مکيه اپيلون ۽ ضمانت جون درخواستون وفاقي آئيني عدالت ٻڌندي، نيب قانون جي شق 32 ۽ 32 اي تحت سپريم ڪورٽ کي ٻڌڻ جو اختيار ئي ناهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب جا ڪيس آرٽيڪل 175 اي ۽ ايف تحت وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل (ٽرانسفر) تصور ڪيا ويندا. واضح رهي ته پي ٽي آئي جي باني عمران خان پڻ هاءِ ڪورٽ جي ضمانت واري ڪيس خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو ۽ رجسٽرار سپريم ڪورٽ درخواست تي اعتراض مڙهي واپس ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي پي ٽي آئي باني جي ضمانت جو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ٻڌندي.

پهنجو تبصرو موڪليو