سپريم ڪورٽ پاران ڊسڪه ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ پاران ڊسڪه ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪه ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت واضه ڪيو ته حلقي ۾ ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم برقرار آهي اسين رڳو 10 اپريل تي رٿيل ننڍي چونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ تائين ملتوي ٿا ڪريون. سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 75 ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مسلم ليگ ن جي اميدوار نوشين افتخار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ ڊسڪه ضلعي جو مڪمل نقشو پيش ڪيو.هن چيو ته ڊسڪه شهر جي 76 مان 34 پولنگ اسٽيشنن تان شڪايتون آيون. 20  پرزائيڊنگ آفيسر به غائب ٿيا.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سوال اهو آهي ته پولنگ جي ڏينهن ڪير ۽ ڇو اهڙا مسئلا پيدا ڪندو رهيو  ڇا هڪ اميدوار طاقتور هو ان لاءِ پئي اهي حرڪتون ڪرايون  رپورٽ موجب  مسلم ليگ ن  جا ڪارڪن تشدد وارن واقعن ۾ ملوث رهيا. اوهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته 23 پولنگ اسٽيشنن جي شڪايت تي سموري تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ڇو ضروري آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته تڪ جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تان شڪايتون مليون هيون. پريزائيڊنگ آفيسر پوليس سان  معمول موجب نڪتا هئا. پر آفيسرن جي واپسي غير معمولي هئي. هو گڏ ته آيا پر ڊنل هئا. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کان پوءِ اين اي 75 ڊسڪه ۾ 10 اپريل تي بيهر پولنگ روڪي ڇڏي. عدالت چيو ته موجوده ڪيس جي فيصلي ۾ وقت گهرجي.سلمان اڪرم راجه جا دليل اڃان جاري آهن. جڏهن ته نوشين افتخار کان علاوه باقي ٻين ڌرين کي به ٻڌڻو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيوته اليڪشن ڪميشن جو پولنگ وارو فيصلو برقرار آهي. في الحال 10 اپريل جو فيصلو ملتوي ڪري رهيا آهيون.  جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻچاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو