اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ بلدياتي ايڪٽ جي سيڪشن 3 کي آئين سان تڪراري قرار ڏيندي پنجاب جي بلدياتي ادارن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل ايڊووڪيت جنرل پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت جي سامهون بيان ڏنو ته پنجاب حڪومت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ چاهي ٿي ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو وڃي. معاملو اڃان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا باقي صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته باقي صوبن جي مردم شماري تي اعتراض آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 24 مارچ تي ٿيڻو هو پر وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ هاڻ اجلاس 7 اپريل تي ٿيندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل جو بيان رڪارڊ جي لاءِ آهي. صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائي ڇڏيون. اٽارني جنرل چيو ته هي صرف وفاق جو نه پر صوبن جو به معاملو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پنجاب جي لوڪل حڪومتن کي ڇو ختم ڪيو ويو جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏنا ته پنجاب جي بلدياتي حڪومتن جو مدو به هاڻ ختم ٿي ويو آهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عدالت جي آڏو بيان ڏنو ته پنجاب ۾ بلدياتي حڪومتن جو مدو ڊسمبر 2021 تائين هو. 2018 جي چونڊن کان پوءِ پنجاب ۽ وفاق ۾ نئين پارٽين جي حڪومت آئي. نئين پنجاب حڪومت بلدياتي حڪومتون ختم ڪري هڪ سال ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو وقت ڏنو. هڪ سال جو مدو گذري وڃڻ کان پوءِ پنجاب حڪومت نئين ترميم ڪئي ۽ ان کان پوءِ آرڊيننس جاري ڪيو.جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته باقي ٻين صوبن ۾ ٻلدياتي حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو چيف جسٽس چيو ته عدالت جي آڏو پنجاب جو 2019 جو بلدياتي قانون چيلنج ڪيو ويو آهي. ڇا درخواست ڏيندڙ چاهي ٿو ته قانون جي سيڪشن 3 کي ڪالعدم قرار ڏيون. جنهن کان پوءِ عدالت بلدياتي ايڪٽ جي سيڪشن 3 کي آئين سان تڪراري قرار ڏيندي پنجاب جي بلدياتي ادارن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










