اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڄ کان باضابطه طور تي قانون بڻجي ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته صدر عارف علوي اهو بل ٻيو ڀيرو دستخط کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيو هو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ بل جي منظوري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل هاڻي قانون جي شڪل ۾ اچي ويو آهي.
Supreme Court (Practice and Procedure) Act, 2023 of the Majlis-e-Shoora (Parliament) is deemed to have been assented by the President W.e.f 21 April 2023, under Clause (2) of the Article 75 of the Constitution of Islamic Republic of Pakistan. It is hereby published for general… pic.twitter.com/FIpBmJsALs
— National Assembly ???????? (@NAofPakistan) April 21, 2023
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ ان قانون تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ 13 اپريل تي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو هو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف 3 درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، ان جي ٻڌڻي ضروري آهي وڌيڪ ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي. هن قانون ۾ از خود ڪاروائي جو اختيار چيف جسٽس بدران 3 سينئر ججن کي ڏنو ويو آهي. ڪو به ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻ لاءِ مقرر ٿيندو، اڳ ۾ چيف جسٽش جي مرضي هوندي هئي ته هو سالن تائين ڪا به درخواست مقرر نه ڪندو هو. صدر آصف علي زرداري شهيد ڀٽو کي مليل سز خلاف جيڪو ريفرنس موڪليو هو اهو 12 سالن کان نٿو ٻڌو وڃي. ازخود نوٽيس واري ڪيس م اڳ ۾ اپيل جو حق نه هو هاڻي اپيل ڪري سگهبي. اپيل ۾ وڪيل مرضي جو ڪرڻ جي اجازت هوندي، اڳ ۾ نظر ثاني وقت ساڳئي وڪيل جو شرط هو. هن قانون موجب ماضي ۾ جن کي به از خود ڪاروائي ڪيسن ۾ سزا ملي آهي انهن کي 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو حق هوندو، جنهن سان نواز شريف، جهانگير ترين، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين کي اپيل جو حق ملندو.










