اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ايوان بالا سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 مان وڌائي 25 ڪرڻ بابت بل اڪثرريت راءِ سان منظور ڪندي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. پي پي جي فاروق نائڪ جي صدارت ۾ ٿيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي حامد خان ۽ جي يو آءِ جي ڪامران مرتضيٰ بل جي مخالفت ڪئي. هنن چيو ته هاءِ ڪورٽن ۾ ججن ڪافي سيٽون خالي آهن، اهي نٿيون ڀريون وڃن. 26 هين آئيني ترميم جي منظوري بعد حڪومت پنهنجا جج ڀرتي ڪري عدليا تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪري. هنن چيو ته ججن جي اندروني اختلافن سبب ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ دير ٿي هئي هاڻي ته 30 ڪيس روز پيا ٻڌا وڃن. مسلم ليگ (ن) جي انوشي رحمان چيو ته وڌيڪ جج مقرر ڪرڻ سان خرچ وڌي ويندا، هن سوال اٿاريو ته ججن کي پينشن ۽ يوٽيليٽي بلز مفت ڪرڻ جون سهولتون ڇو ٿا ڏيو.؟










