ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ جي سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صوبي جي سرڪاري زمينن تي قبضي جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي چيو ته قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سينيئر ميمبر عدالت کي اپيل ڪئي ته سرڪاري زمينن تان قبضو ڇڏرائڻ لاءِ رينجرز کي به مدد جون هدايتون ڏنيون وڃن، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جيڪڏهن توهان جي پوليس ان لائق ناهي ته کاتو ختم ڪري ڇڏيو، هر ڪم ۾ رينجرز ڇو مدد ڪندي؟عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته سڀني ايس ايس پيز کي ڊپٽي ڪمشنرن جي مدد ۽ فورس فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، گهرو سيڪريٽري رينجرز کي به مدد جي هدايت جاري ڪري.سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سرڪاري زمينن تي قبضي خلاف آپريشن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










