سپريم ڪورٽ: جسٽس جهانگيري جي اپيل آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

سپريم ڪورٽ: جسٽس جهانگيري جي اپيل آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس طارق جهانگيري جي اپيل کي آئيني بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ 29 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن پڻ آئيني بينچ جو حصو آهن.جسٽس طارق جهانگيري غلط ڊگري ڪيس ۾ عبوري حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي آهي.جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 16 سيپٽمبر تي جسٽس جهانگيري کي عدالتي ڪم کان روڪيو هو. جسٽس جهانگيري هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي رد ڪرڻ ۽ وڌيڪ ٻڌڻي کي روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو