اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊون 16 آڪٽوبر تي ٿينديون، شيڊول موجب اميدوار 27 سيپٽمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 29 سيپٽمبر تي ٿيندي، جڏهن ته اميدوارن جي ابتدائي فهرست 30 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 1 آڪٽوبر تائين داخل ڪرائي سگهجن ٿيون، جن تي فيصلا 3 آڪٽوبر تائين اعلان ڪيا ويندا. اميدوارن کي 4 آڪٽوبر تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اختيار هوندو.چونڊ جي ڏينهن، 16 آڪٽوبر تي، پولنگ صبح 8:30 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.










