سي ٽي ڊي پنجاب جو گرينڊ آپريشن، مختلف ضلعن مان 8 دهشتگرد گرفتار

سي ٽي ڊي پنجاب جو گرينڊ آپريشن، مختلف ضلعن مان 8 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور، سرگوڌا ۽ ملتان سميت ٻين ضلعن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي گرينڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران آپگهاتي ويسٽ، بارودي مواد، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن خلاف 7 ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو