پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) عمران خان جي قتل جو خطرو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن هڪ افغان قاتل کي ڀرتي ڪيو آهي جيڪو ممڪنه حملو ڪري سگهي ٿو تفصيل موجب سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه ٿرٿ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. ذريعن کي ٻڌايو ته دهشتگردن هڪ افغان قاتل کي ڀرتي ڪيو هو جيڪو ممڪنه حملو ڪري سگهي ٿو.










