لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي فوري طور چارج ڇڏڻو پوندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عطا الله تارڙ چيو ته سي سي پي او لاهور سندس معطلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.هن چيو ته عدالت سي سي پي او لاهور جي درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي، پوليس فورس هاڻي سندن حڪم مڃڻ جي پابند ناهي.عطاءُ الله تارڙ جو چوڻ آهي ته سي سي پي او لاهور جا سمورا حڪم غير قانوني هوندا.










