سي سي پي او لاهور جي معطلي خلاف درخواست ناقابل سماعت قرار

سي سي پي او لاهور جي معطلي خلاف درخواست ناقابل سماعت قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مزمل اختر سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ کي معطلي وارو معاملو ڏسڻ جو اختيار آهي؟درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هڪ وفاقي وزير خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي، ان ڪري سي سي پي او کي نشانو بڻايو ويو.عدالت چيو ته بظاهر سپريم ڪورٽ کي اهو اختيار حاصل آهي پر هاءِ ڪورٽ وٽ اهو اختيار ڪيئن آهي؟وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته سي سي پي او کي 3 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو، رپورٽ نه ڏيڻ تي معطلي جو حڪم جاري ڪيو ويو.جسٽس مزمل اختر چيو ته عدالت جو سوال آهي ته هاءِ ڪورٽ کي اهو معاملو ٻڌڻ جو اختيار ڪيئن آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ کي اها درخواست ٻڌڻ جو اختيار ناهي.عدالت سي سي پي اوغلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو