ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير توانائي ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ تڪراري واهن وارو مسئلو حل نه ٿيو ته اسان حڪومت کان الڳ ٿي وينداسين. اهڙو اظهار هن بهادر آباد ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پيپلزپارٽي جي وفد ۾ وقار مهدي، سعيد غني ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. پي پي جي وفد جي ملاقات ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻن ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ ٻين سان ٿي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سينيٽ جي خالي سيٽ تي ٿيندڙ چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان کان هٿ کڻڻ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مرڪزي ڪميٽي جي صلاح مشوري بعد پيپلزپارٽي جي درخواست تي فيصلو ڪري اطلاع ڏنو ويندو. فاروق ستار چيو ته ملاقات ۾ بلدياتي نظام بابت مجوزا بل تي به پيپلزپارٽي جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻڌايو ته تاج حيدر جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي پارٽي وقار مهدي کي نامزد ڪيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن سي سي آءِ جي اجلاس ۾ واهن جو مسئلو حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي ويندي. هن چيو ته کيس پڪ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ جيڪو فيصلو ٿيو آهي، اهو آخري آهي. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته واهن جي معاملي تي سنڌ جا سمورا ماڻهو هڪ صفحي تي آهن ۽ ايم ڪيو ايم به سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ واهن جي معاملي تي پيپلزپارٽي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته کيس خبر آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي وئي ته حڪومت نه هلي سگهندي، تنهن ڪري کيس اميد آهي ته حڪومت واهن جي معاملي تي پنهنجو واعدو ضرور پورو ڪندي.










