سي سي آءِ پاران نوان ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو رد، ارسا جو سرٽيفڪيٽ واپس

سي سي آءِ پاران نوان ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو رد، ارسا جو سرٽيفڪيٽ واپس

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 7 فيبروري تي ايڪنڪ پاران نوان ڪينال ٺاهڻ واري عبوري منظوري رد ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ارسا جي 17 جوري واري اجلاس ۾ نون ڪينالز (چولستان ۽ چوبارا) لاءِ جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي وارو سرٽفڪيٽ به واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سي سي آءِ، ارسا ۽ رٿا بندي ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني اسٽڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري ۽ جائز تشويش ختم ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪري. نون ڪينالز تي اتفاق راءِ تائين ڪو قدم نه کنيو وڃي. بيان موجب 1919 جي واٽر اڪارڊ ۾ سڀني صوبن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو جيڪا پاڪستان کي درپيش زرعي ضرورتن، صوبن ۾ پاڻي جي جائز ورڇ اتفاق راءِ سان منظور ڪيل دستاويزن (ا991 جي ٺاهه ۽ 2018 جي واٽر پاليسي) موجب يقيني بڻائيندي. بيان موجب پاڻي زندگي جو اهم جز آهي ۽ اسانجي آئين سازن ان کي اتفاق راءِ سان مشروط ڪيو هو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزيراجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينال رٿا رد ڪري ڇڏي آهي، اسان ڪنهن به صوبي جو حق ڪنهن صوبي کي کائڻ نه ڏينداسين. خواجا آصف جيو جي شاهزيب خانزادي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪينال رٿا غير مشروط طور تي رد ڪرڻ جي منظور ڏني وئي آهي ۽ مستقبل ۾ صوبن جي اتفاق راءِ سان ان تي غور ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کي چيو ويو آهي ته هو بند رستا کولرائي. 8 رڪني ڪائونسل ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ امير مقام شامل آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ 6 نڪتن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سال 2021-22 جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سالياني رپورٽ جو جائزو به ورتو ويندو، جڏهن ته سال 2022-23 جي رپورٽ جو به جائزو وٺي 2023-24 جي سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي. ڪائونسل نيپرا جي ٽن سالن جي سالياني رپورٽن جو به جائزو ورتو ۽ منظوري ڏني.  ياد رهي ته هي اجلاس 2 مئي تي طئي ٿيل هو، پر صدر آصف علي زرداري جي صلاح تي 28 اپريل تي سڏائي ورتو. صدر آصف علي زرداري سان گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات ڪري اجلاس جلدي گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن بعد صدر، وزيراعظم سان ڳالهايو هو. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري طبيعت خراب هئڻ بعد هڪ مهيني جي وقفي بعد صحتياب ٿيڻ تي اڄ سومر کان معمول جو ڪم شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو