واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)فرانس جي هڪ اعليٰ سطحي انٽيليجنس آفيسر تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ڀارتي فضائيه جو هڪ رافيل جنگي جهاز ڪيرائي ڇڏيو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري ’سي اين اين‘ جي اينڪر ۽ سيڪيورٽي معاملن جي ماهر جم اسڪيوٽو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي ٻڌايو ته فرانس جي هڪ اعليٰ انٽيليجنس آفيسر رافيل جهاز ڪيرائڻ جي تصديق ڪئي آهي. جم اسڪيوٽو وڌيڪ چيو ته، ”ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هي پهريون موقعو آهي، جڏهن ڪنهن جديد فرانسي ساخته جنگي جهاز کي ويڙهه دوران نقصان پهتو آهي.“ پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي اينڪر چيو ته پاڪستان اربع ڏينهن دعويٰ ڪئي ته ان ڀارتي فضائيه جا پنج جهاز ڪيرايا آهن، جن مان ٽي رافيل جهاز پڻ شامل آهن. هو لکي ٿو، ”پاڪستاني اختيارين موجب، هي ڪارروائي ڀارت پاران ڪيل فضائي حملي جي جواب ۾ ڪئي وئي،“ جڏهن ته ڀارتي اختيارين طرفان اڃا تائين انهن دعوائن تي ڪو به ردعمل ناهي ڏنو ويو. ڀارتي ميڊيا جهازن جي تباهي جي خبر نشر ڪرڻ بعد نامعلوم سبب ڪري اها خبر هٽائي ڇڏي هئي. ٽوئيٽ موجب، فرانسيسي آفيسر سي اين اين کي وڌيڪ ٻڌايو ته فرانس جون لاڳاپيل اختياريون ان ڳالهه جي تحقيق ڪري رهيون آهن ته ڇا پاڪستان رات دير سان هڪ کان وڌيڪ رافيل جهاز ڪيرايا آهن. واضح رهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن ڀارت جي رات دير سان ڪيل بزدلانه حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارتي فضائيه جا ٽي رافيل سميت پنج جنگي جهاز ڪيرائڻ جو اعلان ڪيو هو. ان کان علاوه، هڪ بريگيڊ هيڊڪوارٽر، ڇهه مهار بٽالين هيڊڪوارٽر ۽ مختلف چيڪ پوسٽون پڻ تباهه ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول (LOC) جي چئن سيڪٽرن ۾ پنهنجن پوسٽن تي اڇا جهنڊا لهرائي شڪست تسليم ڪئي هئي. پاڪستان حڪومت ڀارتي حملن لاءِ جوابي ڪاروائي جو اختيار فوج کي ڏيندي، ٽارگيٽ، وقت ۽ طريقو پاڻ چونڊڻ جو چيو آهي. جنهن بعد ڀارتي حڪومت 25 هوائي اڏا بند ڪري سوين فلائيٽ رد ڪيون آهن.










