اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اظهر مشواڻي جي ٻن گم ٿيل ڀائرن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي سيڪريٽري دفاع، سيڪريٽري گهرو، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اظهر مشواڻي جي والد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اظهر مشواڻي جا ڀائر پروفيسر مظهر الحسن ۽ پروفيسر ظهور الحسن 6 جون کان گم آهن.عدالت ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته بچاءَ واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي رپورٽ اڳ ئي داخل ڪئي وئي آهي.سڪيورٽي ادارن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڀائرن بابت ڪجهه به معلوم ناهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي سمورين ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندس.عدالت سيڪريٽري دفاع، گهرو، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي 15 آگسٽ تي طلب ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ته انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي.اڄ عدالت ۾ اظهر مشواڻي جي والد طرفان وڪيل سردار ڀاڳس ۽ آمنه علي مرتضيٰ پيش ٿيا.










