سيپڪو وارا ٽرانسفارمر لاهي ويا، شهري عذاب ۾ مبتلا

دادو،(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيپڪو وارن نجم ڪالوني آءِ بي اي اسڪول گهٽي ڊگري ڪاليج روڊ تي لڳل ٽرانسفارمر 6 ڏينهن اڳ خراب ڄاڻائي لاٿو ويو آهي جيڪو اڃا تائين نه لڳي سگهيو، ايس ڊي او شاهد عرف پپو شاھ، ايل ايس ۽ لائين مين راڻو چهواڻ سميت سيپڪو آفيس دادو جي ڪمپلين سينٽر تي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ٽرانسفارمر نه لڳايو ويو آهي، شهري قيامت خيز گرمي ۾ پريشان آهن. سندن چوڻ آهي ته آخر ميٽر ذريعي بجلي استعمال ڪندڙن کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي، 3 سال اڳ ڪالوني واسين چندو گڏ ڪري سيپڪو عملدارن کان ٽرانسفارمر خريد ڪيو هو جيڪو ٽرانسفارمر سيپڪو عملو پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، رات جو چورن وانگر ٽرانسفارمر جا جمپر لاهڻ سميت   هر طرح جا حربا استعمال ڪندي  بجلي بند ڪئي ٿي وڃي ۽ سيپڪو عملو هر مهيني غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ذريعي بجلي چوري ڪرائي ملڪي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ڪالوني واسين وزيراعظم عمران خان، چيف آف آرمي اسٽاف، سيپڪو سکر جي چيف ايگزيڪيوٽو کان گهر ڪئي ته سيپڪو اداري کي پرائيويٽ ڪيو وڃي ۽ چوري ۾ ملوث عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين نوڪرين تان فارغ ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو