سيپڪو جي ڪوڙن ڪيسن خلاف شهرين جو احتجاج،عملدار هٽايو

سيپڪو جي ڪوڙن ڪيسن خلاف شهرين جو احتجاج،عملدار هٽايو

رتوديرو(عطاءاللہ بروھی) رتوديرو ۾ سيپڪو عملدارن پاران شهري اتحاد جي صدر ۽ شهرين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيپڪو ايڪسيئن لاڙڪاڻو انجنيئر مشتاق احمد بڙدي ۽ شهرين وچ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل اماڻڻ تي منهن ماري ٿي پئي هئي جنهن بعد ايس ڊي او سيپڪو رتوديرو رحيم بخش تنيو جي فرياد تي شهري اتحاد جي صدر انيس الرحمان جوڻيجو سندس والد  ڀاءُ خليل الرحمان جوڻيجو ۽ هڪ سئو شهرين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شهرين الهورايو عمراڻي عبدالستار سومرو شاهنواز شيدائي سڪندر سومرو ۽ ٻين جو پريس ڪلب رتوديرو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن چيو ته سيپڪو ايڪسيئن مشتاق بڙدي مسلسل ستن مهينن کان آپريشن جي آڙ ۾ 10 10 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته تقريبن ٽن مهينن کان سڄي شهر اندر هر گهر دوڪانن ۽ آفيسن تي ميٽر لڳايا ويا ۽ بل جمع ڪرائڻ بعد به لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي جنهن بعد شهرين چاندني چوڪ تي پرامن احتجاج ڪيو هنن چيو ته پنهنجن حقن گهرڻ تي سيپڪو عملدارن طرفان اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن. هنن چيو ته اسان اعلي عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اڳواڻن ۽ شهرين مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او رتوديرو کي فورن ھٽايو وڃي۔ ٻئي پاسي واپڊا جي يونين پاران ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته جن ماڻهن اسانجي آفيسرن سان هاٿا پائي ڪئي آهي ۽ مٿن ڪيس داخل آهي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو