سيپڪو جو بجلي چورن خلاف آپريشن، شهر ۾ ٿرٿلو

ڪنڊيارو(اسد جعفري) سيپڪو سکر جي ٽيم شهر جي سٽي ون فيڊر تي  انصاري محله بابن شاهه چوڪ ٺارو شاهه چوڪ سميت  ڪيترن ئي هنڌن تي ڪارروائي ڪندي بجلي جا غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا. سيپڪو جي آپريشن سبب بجلي چورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ ڪيترائي دڪاندار دڪان بند ڪري غائب ٿي ويا.  ان ڏس  ۾ سيپڪو انجنيئر نوشهروفيروز عبدالحق ڏاهاڻي ٽيم انچارج عقيل جوڻيجو  چيو ته بجلي چورن کي بخش نه ڪيو ويندو، مٿن ڪيس داخل ڪرايا ويندا. هنن چيو ته ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا آهن جن تي لکين روپيه ڏنڊ لڳايو ويو آهي. سيپڪو جي ٽيم رات جي وقت اوچتو چيڪنگ ڪئي جيڪا اربع تي صبح جو به جاري رهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو