ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ گهريلو ۽ صنعتي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي ويندي. سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) کي ايندڙ مهيني جي آخر تائين ٽيرف جي تعين لاءِ فعال ڪيو ويندو. توانائي واري وزير اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ ۽ انرجي اپڊيٽ جي سهڪار سان منعقد ڪيل ”سولر ونڊ هائبرڊ پروجيڪٽ بي 2 بي آريجمينٽس“ بابت مشاورتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. توانائي واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ سيپرا کي فعال بڻائڻ ۾ مڪمل تعاون ڪندي ته جيئن بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري صارفين کي مناسب مالي رليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ٿيڻ وارا سولر پارڪ ۽ انهن جي سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) پاران فراهم ڪيل قابل تجديد بجلي سنڌ حڪومت جي منصوبي جا ٻه اهم ٿنڀ آهن، جنهن تي صارف جي آخر ۾ اگھ گھٽ ڪرڻ تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ منشور جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سولر پارڪ ٺاهيا پيا وڃن، جنهن جو مقصد غريب صارفين کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ آهي. هن ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ صاف توانائي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ مهم تحت آف گرڊ گهرن ۾ 200,000 سولر هوم سسٽم جلد ورهائڻ شروع ڪندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نئين صوبائي بجيٽ ۾ شامل منصوبي تي جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي، جنهن تحت ڏورانهن علائقن ۾ آف گرڊ گهرن کي 500,000 سولر پينل فراهم ڪيا ويندا. هن شريڪ ٿيندڙن کي آگاهي ڏني ته سنڌ ۾ تجويز ڪيل سيپرا حڪومت تحت آزاد بجلي پيدا ڪندڙن کي ڪيپسٽي پيمنٽ جي ادائيگي مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ هوندي ته جيئن صارفين جي قيمتن ۾ ڪو به غير مناسب اضافو نه ٿئي. هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت صوبي ۾ قابل تجديد بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي استعمال ڪندي 2.6 ملين آف گرڊ گهرن کي جلد کان جلد بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وفاقي اختياريون 18هين آئيني ترميم موجب توانائي جي انهن منصوبن تي عملدرآمد ۾ سنڌ جي ڀرپور مدد ڪنديون. سنڌ جي متبادل توانائي جي ڊائريڪٽر محفوظ قاضي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت شروعاتي طور تي 18.45 رپيا في يونٽ جي تجويز ڪيل ٽيرف تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 350 ميگاواٽ جا سولر ونڊ هائبرڊ جنريشن پلانٽ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي هئي. هن چيو ته هائبرڊ پاور پلانٽس جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ سان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هائبرڊ قابل تجديد توانائي منصوبي ۾ هر سال 766 گيگا واٽ صاف توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي هائبرڊ ڪلين پاور جنريشن پلان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي اسٽڊيز ۽ تصديق ڪرائيندي، جنهن سان صوبي جي صنعتن کي وڏو فائدو پهچندو. هن چيو ته STDC جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن سسٽم کي مڪمل طور تي استعمال ڪيو ويندو ته جيئن هائبرڊ ونڊ سولر منصوبن مان پيدا ٿيندڙ صاف بجلي صوبي جي صنعتي صارفين تائين B2B انتظامن تحت پهچائي سگهجي. ٿر ڪول انرجي بورڊ جي ايم ڊي طارق علي شاهه سنڌ جي تجويز ڪيل نئين بجلي پاليسي تي روشني وجهندي چيو ته آئين صوبن کي پنهنجا پاور سيڪٽر ريگيوليٽر ۽ ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون قائم ڪرڻ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيئن سنڌ ۾ ڪيو پيو وڃي. انرجي اپڊيٽ جي نعيم قريشي اميد ظاهر ڪئي ته هي مشاورتي ورڪشاپ سنڌ ۾ صاف توانائي جي وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ورڪشاپ ۾ توانائي جي شعبي جي ڪمپنين جي ڪيترن ئي لاڳاپيل نمائندن، تعليمي ماهرن ۽ محققن شرڪت ڪئي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سسٽم تحت ايندڙ ونڊ سولر هائبرڊ پاور پراجيڪٽ جي تجويز ڪيل B2B بندوبست تي پنهنجا ويچار پيش ڪيا. ورڪشاپ ۾ سنڌ جي توانائي واري سيڪريٽري مصدق احمد خان، سي اي او ايس ٽي ڊي سي سليم شيخ، انجنيئر عرفان احمد ۽ صوبائي توانائي کاتي جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.










