سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري قتل

سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري قتل

سيوهڻ (ن س) سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ 18 ورهين جي ڇوڪري ۽ 25 ورهين جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو تفصيل موجب واقعو سيوهڻ ويجهو ڳوٺ بوترا رنگ ۾ پيش آيو آهي جتي ٻن جوابدارن 18 ورهين جي نماڻي رند ۽ 25 ورهين جي نوجوان ميرخان رند کي تيز اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ٻئي جوابدار ولي محمد رند ۽ منير رند پاڻ کي سيوهڻ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو سيوهڻ پوليس پهچي لاش سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ پهچايا ۽ جوابدارن کان قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار به هٿ ڪري ورتا ڪيس جي جاچ شروع ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو