سپريم ڪورٽ پاران سينيٽ چونڊ ڳجهي ڪرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ پاران سينيٽ چونڊ ڳجهي ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊون آئين جي شق 226 هيٺ ڳجهي طريقي سان ٿينديون، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني بنيچ مان هڪ جج جسٽس يحييٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو آهي. عدالت پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان نٿيون ڪرائي سگهجن، ان ڪري سينيٽ اليڪشن قانون جي بجاءِ آئين تحت ڳجهي طريقي سان ٿيندي، چيف جسٽس پاڪستان جو چوڻ آهي ته هاڻي عدالت مختصر فيصلو جاري ڪيو آهي، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، چيف جسٽس چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته چونڊ عمل ۾ ڪرپشن کي روڪي ۽ سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جا پابند آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي قدم کڻي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ووٽنگ جو عمل ڪيتري حد تائين ڳجهو هجڻ گهرجي ان جي حد مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته ووٽ هميشه لاءِ ڳجهو نٿو رهي سگهي. سپريم ڪورٽ 1967 ۾ نيا احمد ڪيس ۾ به اهڙو فيصلو ڏنو هو. جسٽس يهيٰ آفريدي جو چوڻ آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 186 هيٺ هي سوال سپريم ڪورٽ ۾ موڪلي ئي نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو