سينيٽ اليڪشن، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ واڌ

سينيٽ اليڪشن، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مهلت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذ اڄ شام 6 وڳي تائين لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.ترجمان چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي.نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو ڪم 19 مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 21 مارچ تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ اپيلن تي فيصلو ٽربيونل 25 مارچ تائين ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو