اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر عبدالقادر پاڪستان تحريڪ انصاف کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آزاد اميدوار جي حيثيت سان منهنجي سيٽ برقرار آهي.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عبدالقادر چيو ته هو جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ آرمي تنصيب تي حملي جي مذمت ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جا سپاهي قوم لاءِ جانيون قربان ڪن ٿا، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، مضبوط فوج ئي مضبوط ملڪ جي ضامن هوندي آهي.هن چيو ته سمورين پارٽين ڪرپشن، ورهاڱي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو آهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سياستدان ڪردار ادا ڪن.










