اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سينيٽر طلحه محمود کي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.ڪابينا ڊويزن سينيٽر طلحه محمود جي وفاقي وزير طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.سينيٽر طلحه محمود کي مذهبي معاملن واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن، هو ان کان اڳ وزير صفران جا فرض به سرانجام ڏئي رهيا هئا.










