صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي بلاول ۽ ٻين پاران تعزيت

صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي بلاول ۽ ٻين پاران تعزيت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اقليتن جی معاملن واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي سينيئر صحافي حميد سومرو جي ڀاءُ سلام سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گيان چند ايسراڻي حميد سومرو ۽ ڏکويل گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر و جميل جي لاءِ دعاگو آهيون.مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سينيئر صحافي حميد سومرو جي ڀاءُ سلام سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجات جي دعا ڪئي. ناصر شاهه حميد سومرو سميت سمورن سوگوار پونئرن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ سينيئر صحافي حميد سومرو جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سندس پونئرن سان گڏ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. هوڏانهن اسلام آباد بيورو موجب سلام سومرو جو مڙهه سند س اباڻي علائقي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو آهي. سندس مڙهه جي غسل ۽ ڪفن جو اهتمام ايڇ ايٽ ايڌي سينٽر ۾ ڪيو ويو جنهن بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سلام سومرو جمعي جي شام جو پمز اسپتال ۾ داخل ٿيو، سندس شگر ۽ بلڊ پريشر وڌيل هو ۽ داڪٽر ڪڏهن نيورو ته ڪڏهن سائڪالوجي وارڊن ۾ موڪليندا رهيا. اڄ ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس معائنو ڪيو پر هو هوش ۾ نه اچي سگهيو، هو جيو نيوز ۾ حامد مير جي پروگرام جو ڪيمرا مين هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ٻئي سيڪشن ۾ بدلي ڪيو ويو جنهن سبب هو ذهني دٻاءَ جو شڪار هو. مرحم کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي. اسلام آباد جي سنڌي صحافين وڏي انگ ۾ سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو