سينئير صحافي امتياز مير جي ساھھ جو سڳو ٽُٽي پيو

سينئير صحافي امتياز مير جي ساھھ جو سڳو ٽُٽي پيو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سينير صحافي امتياز مير جي ساھھ جو سڳو ٽُٽي پيو ، صحافتي برادري ۾ سوڳ جي لھر پکڙيل، ان ڏس ۾ پيرائتي خبر موجب ڪجھھ ڏينھن اڳ قاتلاڻي حملي زخمي ٿيل نجي ٽي وي جو اي نڪر ۽ سينيئر صحافي امتياز مير علاج دوران نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس وفات جي خبر ڪھرام مچائي ڇڏيو، صحافتي برادري ۾ سوڳ جي لھر پکڙجي وئي، ياد رھي تھ ڪجھھ ڏينھن پھرين ڪراچي جي علائقي ملير ڪالا بورڊ وٽ اڻڄاتل ھٿياربندن پاران ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي جنھن ۾ صحافي امتياز مير سخت زخمي ٿي پيو ھو جنھن جو علاج ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ھلندڙ ھو، جتي سندس علاج دوران ساھھ جو سڳو ٽُٽي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو