سينئر ڪيمرا مين فوت، جنازي بعد مڙهه سنڌ روانو

سينئر ڪيمرا مين فوت، جنازي بعد مڙهه سنڌ روانو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينئر ڪيمرا مين عبدالاسلام سومرو جو مڙهه سند س اباڻي علائقي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو آهي. سندس مڙهه جي غسل ۽ ڪفن جو اهتمام ايڇ ايٽ ايڌي سينٽر ۾ ڪيو ويو جنهن بعد جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سلام سومرو جمعي جي شام جو پمز اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، سندس شگر ۽ بلڊ پريشر وڌيل هو ۽ ڊاڪٽر ڪڏهن نيورو ته ڪڏهن سائڪالوجي وارڊن ۾ موڪليندا رهيا. غلام الرسول ڪنڀر، نذير چارڻ، معشوق ڏيٿو، مهدي حسن ۽ صدام چارڻ سميت ڪجهه دوست رات اسپتال ۾ ساڻس گڏ هئا. اڄ ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس معائنو ڪيو پر هو هوش ۾ نه اچي سگهيو، هو جيو نيوز ۾ حامد مير جي پروگرام جو ڪيمرا مين هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ٻئي سيڪشن ۾ بدلي ڪيو ويو جنهن سبب هو ذهني دٻاءَ جو شڪار هو. مرحوم کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي. اڄ صبح اطلاع ملڻ تي ڪافي سنڌي صحافي اسپتال پهتا ۽ بعد ۾ وڏي انگ ۾ سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جيو نيوز انتطاميه کي جمعي تي اطلاع ڪيو ويو پر مرحوم جي ساٿين موجب انهن غفلت جو مظاهرو ڪيو. سندس وفات بعد سليم صافي ۽ حامد مير سميت انتظامي اهلڪار آخري وقت پهتا ۽ سندس آخري ديدار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو