ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي فلم اوور سائيٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فلمي منصوبن جي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي تحت تيار ٿيندڙ فلمن جي تڪميل، نمائش، ورهاست (ڊسٽريبيوشن)، تشهيري حڪمت عملي ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، بورڊ ميمبر ژالي سرحدي، وقاص رضوي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اطلاعات کاتي جي نگراني هيٺ تيار ٿيندڙ فلمي منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فلمن جي پروجيڪشن، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڊسٽريبيوشن، فلم فيسٽيولن ۾ شرڪت، نجي شعبي سان سهڪار، ڊجيٽل رليز ۽ جديد تقاضائن موجب تشهيري حڪمت عملي تي پڻ خيال ونڊيو ويو. اجلاس ۾ او ٽي ٽي پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي وڌيڪ اثرائتي نموني متعارف ڪرائڻ جي مختلف پهلوئن تي به غور ڪيو ويو.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت فلم ۽ تخليقي صنعت جي واڌاري لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته معياري فلمون ملڪ ۽ صوبي جي ثقافت، تاريخ، سياحت ۽ سماجي قدرن کي دنيا آڏو مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن. هن وڌيڪ چيو ته فلمي منصوبن ۾ اعليٰ معيار، جديد تقاضائن ۽ بين الاقوامي معيارن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، جڏهن ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز فلمن جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته او ٽي ٽي پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا کي مؤثر نموني استعمال ڪندي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي وسيع پيماني تي متعارف ڪرايو وڃي. هن چيو ته فلم انڊسٽري جي ترقي سان نه رڳو نوجوان تخليقڪارن، هدايتڪارن، ليکڪن ۽ فنڪارن کي نوان موقعا ملندا، پر سنڌ جي مثبت سڃاڻپ پڻ عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ٿيندي.










