ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سينيئر صحافي عطا راڄڙ گردا فيل ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، اسلام آباد ۾ ابتدائي علاج بعد هن کي ڪراچي جي ايس آءِ يو ٽي منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه عرصي کان سندس علاج هلندڙ هو. عطاءُ راڄڙ جي وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات کان سندس تڪليف وڌي وئي، جنهن ۾ بهتري نه اچي سگهي ۽ هو زندگي جي جنگ هارائي ويو. عطا راڄڙ جو مڙهه حيدرآباد نيو ويو آهي، جتي حسين آباد واري علائقي ۾ جنازي نماز بعد مڙهه دفنايو ويندو. عطا راڄڙ زندگي جو ڳچ حصو ڪاوش سان سلهاڙيل هو جنهن بعد سنڌ ٽي وي جوائن ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ آخري وقت تائين ان اداري سان رهيو.










