سينئر روسي جنرل ڪار بم حملي ۾ مارجي ويو

سينئر روسي جنرل ڪار بم حملي ۾ مارجي ويو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)سومر جي صبح ڏکڻ ماسڪو ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي سبب روسي فوج جو هڪ سينيئر جنرل مارجي ويو. هي واقعو روس ۽ يوڪرين جي وفدن جي ميامي ۾ جنگ ختم ڪرڻ بابت الڳ الڳ ڳالهين کان صرف ڪجهه ڪلاڪن بعد پيش آيو.
ڪييف هن واقعي بابت ڪو تبصرو ناهي ڪيو، جڏهن⁠ته روسي جاچ ڪندڙن چيو آهي ته اهي ڌماڪي جو جائزو وٺي رهيا آهن ته ڇا اهو “يوڪرين جي اسپيشل فورسز سان جڙيل آهي يا نه.
هي حملو انهن ٻين هدف بڻايل قتلن جهڙو آهي، جن ۾ روسي جنرلن ۽ جنگ جي حمايت ڪندڙ شخصيتن کي ماريو ويو، جيڪي يا ته يوڪرين طرفان قبول ڪيا ويا آهن يا جن بابت وڏي پيماني تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته اهي يوڪرين طرفان ترتيب ڏنل هئا.
ليفٽيننٽ جنرل فانيل سروروف، عمر 56 سال، جيڪو روسي جنرل اسٽاف جي ٽريننگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه هو، ان وقت مارجي ويو جڏهن سندس بيٺل ڪار هيٺان لڳايل بم ڏکڻ ماسڪو جي هڪ رهائشي علائقي ۾ ڦاٽي پيو.
واقعي واري هنڌ موجود اي ايف پي رپورٽرن هڪ اڇي رنگ جي ڪيو اس يو وي کي ڏٺو، جيڪا مڪمل طور تباهه ٿي چڪي هئي، دروازا ۽ پوئين شيشو اڏامي چڪا هئا، جڏهن⁠ته گاڏي جو ڍانچو ڌماڪي سبب سڙي تباهه ٿي ويو هو.
سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيرو ڪري ڇڏيو هو ۽ جاچ ڪندڙ ملبي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيا هئا. عين شاهدن زور دار ڌماڪي جي آواز ٻڌڻ جي خبر ڏني.
روس جي انويسٽيگيٽو ڪميٽي، جيڪا وڏن ڏوهن جي جاچ ڪري ٿي، چيو ته هو “قتل بابت مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن، جن مان هڪ رخ اهو به آهي ته شايد هن ڏوهه کي يوڪرين جي خاص فورسز منظم ڪيو هجي.”
دفاع واري وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود سرڪاري سوانح عمري موجب، سروروف 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اتر قفقاز، خاص طور چيچنيا ۾، روسي فوجي مهمن ۾ حصو ورتو هو. هن 2015-16 دوران شام ۾ به روسي فوجن جي ڪمان سنڀالي هئي.
ڳالهين ۾ تيزي
ڪريملن چيو آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن کي سومر واري قتل بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. اهو واقعو ميامي ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ڳالهين کان پوءِ ٿيو، جتي آمريڪا چار ساله جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري رهيو آهي.
يوڪرين جي ڳالهيون ڪندڙ رستم عمر ۽ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف آچر تي ڳالهين ۾ “پيش رفت” جي ساراهه ڪئي. روسي نمائندي ڪرِل دميتريئف به آمريڪي ٽيم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو داماد جيرڊ ڪشنر به شامل هو. وِٽڪوف انهن ملاقاتن کي به “مفيد ۽ تعميري” قرار ڏنو.
جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ پاران پيش ڪيل شروعاتي 28 نڪاتي منصوبي ۾ ماسڪو جي بنيادي مطالبن کي شامل ڪيو ويو هو، جنهن سبب ڪييف ۽ يورپي راڄڌانين ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي هئي.
ياد رهي ته اپريل ۾ جنرل ياروسلاو موسڪالڪ، جيڪو جنرل اسٽاف جو نائب هو، ماسڪو ڀرسان ڪار ڌماڪي ۾ مارجي ويو. ڊسمبر 2024ع ۾ روسي ريڊيو لاجيڪل، ڪيميڪل ۽ حياتياتي دفاعي فوجن جو سربراهه ايگور ڪريلوف، ماسڪو ۾ بارودي مواد سان تيار ڪيل برقي اسڪوٽر جي ڌماڪي ۾ مارجي ويو، جنهن جي ذميواري يوڪرين جي سيڪيورٽي سروس (ايس بي يو) قبول ڪئي.
اپريل 2023ع ۾ روسي فوجي بلاگر ميڪسم فومِن سينٽ پيٽرزبرگ جي هڪ ڪيفي ۾ مجسمي جي ڌماڪي سبب مارجي ويو. آگسٽ 2022ع ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾ داريا دوگينا به مارجي وئي، جيڪا انتهاپسند قومپرست نظرياتي شخصيت اليگزينڊر دوگن جي ڌيءَ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو