سينئر باءِ پاس، ٽن سروسز جي 36 آفيسرن کي 22 گريڊ ۾ ترقي

سينئر باءِ پاس، ٽن سروسز جي 36 آفيسرن کي 22 گريڊ ۾ ترقي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ (HPSB) پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (PAS)، پوليس سروس ۽ فارين سروس جي 36 آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ (IHC) پاران جاري ڪيل اسٽي آرڊر جي ڪري فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي آفيسرن جي ترقي ملتوي ڪئي وئي آهي. بورڊ ٻين سروس گروپن ۾ ترقين جو جائزو وٺڻ لاءِ سومر تي ٻيهر ملاقات ڪندو. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ 5 مارچ تي ٿيل ايڇ پي ايس بي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو. پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان سان گڏ وفاقي وزير احد چيما، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سيڪريٽري انعام الله خان ۽ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل به شامل هئا. اجلاس دوران، بورڊ 150 کان وڌيڪ آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ جو جائزو ورتو. بعد ۾، ان پي اي ايس مان 19 آفيسرن، پوليس سروس مان 8 ۽ فارين سروس مان 9 آفيسرن جي ٽاپ گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني.
پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جا پروموٽ ٿيل آفيسر
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل بيان موجب، گريڊ 22 ۾ ترقي يافته پي اي ايس آفيسرن ۾ سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي وسيم اجمل چوڌري، ايڊيشنل سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي عنبرين رضا، علي طاهر (پوسٽنگ جو انتظار ڪري رهيو آهي)، سيڪريٽري پرائيويٽائيزيشن ڪميشن عثمان اختر باجوه، اسپيشل سيڪريٽري اقتصادي معاملا ڊويزن محمد حمير ڪريم، ايڊيشنل سيڪريٽري مذهبي معاملن جي وزارت سيد عطاءُ الرحمان، سيڪريٽري توانائي سنڌ مصدق احمد خان، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال، ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج پيٽروليم ڊويزن مومن آغا، سيڪريٽري نيشنل هيلٿ سروسز نديم محبوب، سيڪريٽري وفاقي تعليم محي الدين احمد واني، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري (هاڻي پوسٽنگ جو انتظار ڪري رهيو آهي) دائود محمدباريچ، اسپيشل سيڪريٽري ڪامرس شڪيل احمد مڱڻيجو، ايڊيشنل سيڪريٽري نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن سعديه ثروت جاويد، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني، آمريڪا ۾ واپاري سفير علي سرفراز حسين، چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو چيئرمين نبيل احمد اعوان، ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب احمد رضا سرور شامل آهن. هن گروپ جي سينارٽي لسٽ ۾ ٽاپ ٿري سميت ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي باءِ پاس ڪيو ويو آهي.
پوليس سروس آف پاڪستان جا پروموٽ ٿيل آفيسر
گريڊ 22 ۾ ترقي حاصل ڪندڙ پي ايس پي آفيسرن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامرس بي اي ناصر، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، محمد فاروق منهاس (پنجاب حڪومت ۾ مقرر)، عبدالخالق شيخ (جيڪو بلوچستان کان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هو آءِ جي طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو)، ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي محمد زبير هاشمي، محمد شهزاد سلطان (هن وقت نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ مقرر)، ۽ آءِ جي ريلوي محمد طاهر شامل آهن. پوليس گروپ جي سينارٽي لسٽ موجب ٽاپ فور کي باءِ پاس ڪري پنجين نمبر واري بي اي ناصر کي پروموٽ ڪيو ويو.
فارين سروس آف پاڪستان
گريڊ 22 ۾ ترقي ماڻيندڙ ايف ايس پي ۾ احمد نسيم وڙائچ، رحيم حيات قريشي، عاصم افتخار احمد، رضوان سعيد شيخ، سيد احسن رضا شاهه، فيصل نياز ترمذي، نبيل منير، ثقلين سيده ۽ شفقت علي خان شامل آهن. هن گروپ ۾ هڪ به سنڌي آفيسر کي ترقي ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو