اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جو جوائنٽ ڊائريڪٽر ساجد گوندل لاپته ٿي ويو آهي. خاندان وارن پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ته ڪالهه رات کان هو گم آهي. سندس گاڏي چڪ شهزاد لڳ زرعي فارم وٽان ملي آهي. وزيراعظم جي گهرو معاملن بابت مشير شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته پوليس سندس ڳولا ڪري رهي آهي. گهر وارن جو چوڻ آهي ته ساجد ڪجهه ڏينهن کان پريشان هو ۽ ڪجهه نامعلوم ماڻهو سندس پڇا ڳاڇا ڪندا گهر تي به آيا هئا.










