سيلاب متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سيلاب متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي ( ن سنڌيار) خيرپور ناٿن شاھ سيلاب متاثرين فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو متاثرن جي واھر نه ڪرڻ ۽ ھٿ وٺي ڪي اين شاھ کي ٻوڙائڻ خلاف پرامن احتجاج ڪيو ويو احتجاج کي خطاب ڪندي ڪي اين شاھ سيلاب متاثرين صدر صاحب کوکر سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڊويزن صدر منير مگسي سيڪيٽري عبدالرزاق شر حفيظ لاشاري امير جان چانڊيو مير کوکر خالق چانڊيو وقار کوکر ۽ ٻين چيو ته قدرتي آفتون اھي ھونديون آھن جتي امير غريب ٻنھي جو نقصان ٿئي ھتي ھر دفعي صرف غريب ٻڏي ٿو ۽ امير وڌيڪ امير بڻجي ٿو ڪي اين شاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي ھٿ وٺي ٻوڙايو ويو آھي جيڪو صرف ٻاھران امداد وصول ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت ھميشا جيان فوٽو سيڪشن ڪري عربين روپيا ڊالر امداد وٺي ھڻپ ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي مزيد ٻڌايو ته اسين چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪي اين شاھ سيلاب متاثرين کي ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڏني وڃي ڪي اين شاھ سيلاب متاثرين جيڪي ڪراچي ڪوٽڙي حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ رھن ٿا انھن کي کاڌ خوراڪ ۽ ميڊيڪل سميت سھولتون ڏنيون وڃن ڪي اين شاھ شھر مان پاڻي جلد از جلد نيڪال ڪيو وڃي جيڪو به نقصان ٿيو آھي ان جو ازالو ڪيو وڃي سي ايم سنڌ مراد علي شاھ سميت ايم اين اي عرفان لغاري ايم پي اي عزيز جوڻيجو کي ھٽايو وڃي ان موقعي تي احتجاج ۾ سياسي سماجي ۽ ٻوڏ متاثرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو