سيف سٽي پراجيڪٽ جو پهريون فيز جون تائين مڪمل ڪيو ويندو

سيف سٽي پراجيڪٽ جو پهريون فيز جون تائين مڪمل ڪيو ويندو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سيف سٽي پراجيڪٽ جو پهريون فيز جون تائين مڪمل ڪيو ويندو.آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين پوليس آفيسرن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس آفيسر ۽ اهلڪار قربانيون ڏئي رهيا آهن، عوام جي حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پوليس بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، جنهن سان ڏوهه گهٽجي رهيا آهن. هن چيو ته 13 آگسٽ تي فائرنگ جي واقعن ۾ ماڻهو زخمي ٿيا، جيڪو افسوسناڪ آهي، هوائي فائرنگ تي 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو