خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ برڪت علي چانڊيو )سيتاروڊ لڳ سنڌي ٻٽڙا روڊ سان جوھي موري ڦڙدي ھيٺيان ڳوٺ محمد رمضان چانڊيو جي رھواسي 22 سالا نوجوان راحب علي ولد غلام مصطفي چانڊيو جو وڻ ۾ ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو آھي پوليس ضروري ڪاروائي لاء پھچي وئي آھي جڏھن ته حد سنڌي ٻٽڙا جي ٻڌائي پئي وڃي. فوري طور بظاهر ڪيل خودڪشي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر پوليس کي شڪ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته گهرو اڻبڻت تان هن خود ڪشي ڪئي هجي.










