لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته سياست ۾ ٻن قسمن جي ورهاست ٿي وئي آهي، هڪ گروپ مفاهمت ۽ ٻيو عدم استحڪام چاهي ٿو.پنجاب يونيورسٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته سماج ۾ رواداري ۽ سياسي ڳالهين جو ڪلچر پيدا ڪيو وڃي.هن چيو ته خواهش آهي ته ڪتابي ميلا لڳندا رهن، نوجوانن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ سان مثبت ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. ملڪ محمد احمد خان جو چوڻ آهي ته انفراسٽرڪچر جي کوٽ سبب بيروزگاري وڌي رهي آهي.










