آرمي ايڪٽ اصل شڪل ۾ بحال، انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور

آرمي ايڪٽ اصل شڪل ۾ بحال، انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ،آرمي ايڪٽ کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل بابت حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيلن کي قبول ڪيو ويو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ هڪ مختصر فيصلو ڏنو.انٽرا ڪورٽ اپيلون 2-5 جي اڪثريت سان قبول ڪيون ويون، جنهن ۾ جسٽس نعيم الدين افغان ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي کان اختلاف ڪيو.ڪيس جو مختصر فيصلو اڄ جاري ڪيو ويو، جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو