ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، سون جي قيمت ۾ في تولو 5,300 رپيا واڌ سان، سون هاڻي 524,762 رپيا في تولو تائين پهچي ويو آهي.ان کان علاوه، 10 گرام سون جي قيمت 4,544 رپيا وڌي 449,898 رپيا ٿي وئي آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 53 ڊالر وڌي 5,020 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.










