سون جي قيمت ۾ 24 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي

سون جي قيمت ۾ 24 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيد کان اڳ ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 24 هزار 300 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 499 هزار 462 رپين تائين پهچي وئي آهي.ايسوسيئيشن موجب، ساڳئي طرح 10 گرام سون جي قيمت 20,833 رپيا گهٽجي 428,208 رپيا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 243 ڊالر گهٽجي 4,767 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو