ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس سول جج ۽ مئجسٽريٽ قمبر سيد ڪرم علي شاهه کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب معطل ٿيل مئجسٽريٽ تي بدانتظامي، نااهلي ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو الزام لڳايو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته قمبر سيد ڪرم علي شاهه کي معطلي دوران به سندس پگهار ۽ الائونس ملندا رهندا.










