اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان سول ايوارڊز 2026 جي لاءِ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، طب، ادب، سماجي خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن ۽ مشهور فنڪارن ۽ اداڪارن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 355 شخصيتن کي نامزد ڪيو ويو آهي.صدر آصف علي زرداري مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ 355 شخصيتن کي نامزد ڪيو آهي جنهن جي فهرست به جاري ڪئي وئي آهي.سائنس جي شعبي ۾ ڊاڪٽر شاهد محمود کي هلال امتياز، پروفيسر ڊاڪٽر سيد ظفر الياس ۽ پروفيسر ڊاڪٽر مدثر اسرار کي ستاره امتياز، ڊاڪٽر سجاد حسين، پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ضمير جعفري ۽ ڊاڪٽر عروج سعيد کي هلال امتياز جي سفارش ڪئي وئي آهي.انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ڊاڪٽر محمد صادق ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نعيم الحق طارق کي ستاره امتياز، نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ معظم اعجاز کي هلال امتياز، تعليم جي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد رضا شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر خالد مسعود گوندل ۽ ڊاڪٽر رشيد امجد کي ستاره امتياز، پروفيسر ڊاڪٽر غزاله ياسمين ۽ ٻين تعليم جي ماهرن پروفيسر ڊاڪٽر فيصل باري، ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر صبيحه منصور، ڊاڪٽر احسان الله ڪاڪڙ، ڊاڪٽر غلام علي ملاح ۽ ياسمين دادا بهائي کي به نشان امتياز جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.پاڪستان سول ايوارڊز 2026 جي لاءِ پبلڪ سروس جي شعبي جي اهم شخصيتن کي به نامزد ڪيو ويو آهي جن ۾ سرفهرست نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به شامل آهي جنهن کي نشان امتياز جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪئي وئي آهي. عالم دين حافظ طاهر اشرفي کي نشان امتياز جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.










