اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي قومي ادارن خلاف مهم جي جاچ لاءِ 5 رڪني جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ جي اسلام آباد جي آءِ ٽي جو سربراهه هوندو، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم، جي آءِ ٽي ۾ ڊائريڪٽر سي ٽي ڊبليو، ڊي آءِ جي انويسٽگيشن ۽ سي ٽي ڊي اسلام آباد جو ايس ايس پي ميمبر هوندا، ذريعن موجب جي آءِ ٽي تحريڪ انصاف جي قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي جاري مبينا مهم جي جاچ ڪندي، جي آءِ ٽي قومي ادارن خلاف مهم هلائيندڙن جي نشاندهي ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي










