پشاور(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا تي لاڳاپن جي افواهن تي پاڪستاني ڪرڪيٽر نسيم شاهه جي وضاحت سامهون اچي وئي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي شادين جو سيزن هلي رهيو هو، پهرين حارث رئوف، پوءِ شان مسعود ۽ پوءِ شاهين شاهه آفريدي، پوءِ شاداب خان به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.اهڙي صورتحال ۾ ڪرڪيٽ جا مداح نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي شادي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.تازو ئي نسيم شاهه انسٽاگرام تي هڪ ڪهاڻي پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هو ٻن بزرگ ماڻهن جي وچ ۾ مسڪرائي رهيو آهي.انسٽاگرام جي ان ڪهاڻي کي ڏسندي ئي سوشل ميڊيا صارفين پاران نسيم جي لاڳاپن تي بحث شروع ٿي ويا، صارفين جو خيال هو ته نسيم شاهه شادي ڪئي آهي يا هو ڪنهن رشتي ۾ آهي










