سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏينهن عام موڪل ڪريو

سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏينهن عام موڪل ڪريو

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ماٿيلو مومل جي ماڙي پاران امام انقلاب شھيد صبغت الله شاھ راشدي سورھيه باد شاھ جي 78 ھين ورسي فقير ابراھيم ميمڻ جي صدارت ۾ ملھائي وئي جنھن ۾  سورھيه باد شاھ جي عقيدت مندن,اديبن,شاعرن,صحافين ۽ دانشورن فقير ابراھيم ميمڻ,فقير علي حسن منگي,عبدالحئي ڀٽو, سينيئر صحافي الھورايو بوزدار,طالب فقير مڱريو,عبدالوحيد شيخ,خدابخش ٻرڙو, مولا بخش مھر,ڪمال فقير بوزدار,يوسف منگي,فقير غلام رسول ٻرڙو,غلام حسين سومرو,غلام نبي مڱريو,محمد پريل شيخ,خان محمد ڪلادي,سڪندر اعظم ڪڪڙو,غلام نبي سومرو,فرمان بوزدار,علي شير منگي,محمد اسلم بوزدار,شوڪت علي بوزدار,جاويد احمد شيخ,دودو مھر,علي رضا منگي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته امام انقلاب شھيد صبغت الله شاھ راشدي جون ديس لاء ڏنل قربانيون ڪڏھن به وساري نٿيون سگھجن ان  حق ۽ سچ جي واٽ وٺندي ھميشه لاء امر ٿي ويو ھنن وڌيڪ چيو ته سورھيه باد شاھ وطن جي آزادي خاطر جان جو نذرانو ڏنو ھن جي فن,فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي ان نفرتن جي خاتمي ۽ امن لاء وڏي جدوجھد ڪئي سورھيه باد شاھ کي اڄ به ديس واسي ۽ عقيدت مند ياد ڪرڻ سان گڏ سندس بيحد محبت ڪن ٿا آخر ۾ ھنن گھر ڪئي ته امام انقلاب شھيد صبغت الله شاھ راشدي جي شھادت جي ڏينھن عام موڪل ڪئي وڃي. . 

پهنجو تبصرو موڪليو