سوات ۽ ڪوهستان ۾ 24 ماڻهو سيلابي ريلن ۾ لڙهي فوت

سوات ۽ ڪوهستان ۾ 24 ماڻهو سيلابي ريلن ۾ لڙهي فوت

سوات (ويب ڊيسڪ) ڪوهستان ۽ سوات ۾ سيلابي ريلن تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ 24 ماڻهون لُڙهي ويا آهن، جن مان 9 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن ٻين جي ڳولا جاري آهي. سوات جي ڊي سي ثاقب رضا اسلم موجب شاهگرام ۽ تيرات ۾ برساتي نالن ۾ اوچتو تمام وڏي چاڙهه سبب 40 گهر لُڙهي ويا آهن. سوات ۾ 17 ماڻهو لڙهي ويا جن مان 6 لاش هٿ ڪيا آهن. جڏهن تي ڪوهستان جي ڏورانهين علائقي ۾ لائچي نالي ۾ وڏو چاڙهه آيو ۽ هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي لڙهي ويا جن مان 3 عورتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن باقي ٻارن ۽ مردن جي ڳولا جاري آهي. شاهراهه قراقرم تي پهاڙي ڇپ ڪرڻ سبب ٽرڪ ڊرائيور فوت ٿي ويو آهي ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو