سوات (ويب ڊيسڪ) سوات جي جهيل سيف الله ۾ سياحن جي ٻيڙي ابتي ٿيڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ضلعي انتظاميا موجب سيف الله جهيل ۾ سياحن سان ڀريل ٻيڙي ابتي ٿي وئي، حادثي کانپوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 5 سياحن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته 4 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.ضلعي انتظاميا موجب حادثي جو شڪار ٻيڙي ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا سوار هئا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ مقامي انتظاميا ۽ رضاڪارن جو سرچ آپريشن جاري آهي.










