سوئٽزرلينڊ، نئين سال جي پارٽي، باهه سبب 40 ماڻهو فوت 100 زخمي

سوئٽزرلينڊ، نئين سال جي پارٽي، باهه سبب 40 ماڻهو فوت 100 زخمي

زيورخ(ويب ڊيسڪ)سوئٽزرلينڊ جي هڪ اميراڻي علائقي ۾ وقع نائيٽ ڪلب ۾ نئين سال جي پارٽي دوران اسپارڪلز ۽ شيمپئن سبب لڳل باهه حادثي ۾ فوتين جو انگ 40 ٿي ويو آهي ۽ اختيارين موجب 100 ماڻهو زخمي آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جيڪي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ابتدائي اطلاعن موجب ٻڌايو ويو ته ڌماڪو ٿيو آهي، پر هاڻي سوز اختيارين جو چوڻ آهي ته هي دهشتگدي جو واقعو ناهي پر اتفاقي حادثو آهي. رائٽر نيوز ايجنسي موجب سوئس پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرينس-مونٽانا جي اسڪائي ريسورٽ جي هڪ بار ۾ اهو واقعو پيش آيو. عيني شاهدن موجب هڪ ويٽرس شيمپئن جون بوتلون ۽ اسپارڪل کڻي پئي آئي ته باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ڏسندي ڦهلجي وئي. سوئس پوليس عملدارن هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، پر انهن فوت ٿيلن ۽ زخمين جي تعداد يا ڌماڪي جي اصل ڪارڻ بابت ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي. بعد ۾، اطالوي پرڏيهي وزارت چيو ته سوئس پوليس موجب، ڌماڪي ۾ لڳ ڀڳ 40 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته سوئس پوليس ڪمشنر چيو ته بار ۾ باهه لڳڻ ۾ لڳ ڀڳ 100 ماڻهو زخمي ٿيا، 100 زخمين مان گھڻا سخت زخمي ٿيا.سوئس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جا ڪجهه متاثر پرڏيهي آهن، ۽ سوئس اسڪائي ريزورٽ واقعي کي حملو نه پيو سمجهيو وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مشهور اسڪائي ريزورٽ ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات 1:30 وڳي هي حادثو پيش آيو جنهن بعد ريسڪيو سروس امدادي ڪم شروع ڪيا، زخمين کي هيليڪاپٽرن ذريعي اسپتالن ۾ پهچايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو