ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي سپلائي سسٽم ۾ ساليانو 10 سيڪڙو گئس جي کوٽ سبب وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به گيس لوڊ مينيجمينٽ پلان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سوئي سدرن گيس ڪمپني جي عملدارن ٻڌايو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني هن وقت بلوچستان جي 15 ضلعن کي گئس فراهم ڪري رهي آهي، صوبي ۾ گئس جي طلب 250 کان 260 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جڏهن ته سپلائي 200 کان 210 ايم ايم سي ايف ڊي جي وچ ۾ آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي سسٽم ۾ سراسري طور تي 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي ملڪ ۾ قدرتي گئس فراهم ڪندڙ شعبن مان گيس جي کوٽ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ لاءِ سسٽم ۾ گئس جي کوٽ آهي.ايس ايس جي سي عملدارن جو چوڻ آهي ته گئس جي کوٽ باوجود بلوچستان ۾ گئس جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري آهن پر گذريل سالن وانگر پاڪستان حڪومت پاران منظور ڪيل گيس لوڊ مينيجمينٽ پلان تي هن سال به عمل ڪيو ويندو.سوئي گيس اختيارين جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ گذريل هڪ سال دوران گئس ليڪ ٿيڻ سبب حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 زخمي ٿيا آهن.هن چيو ته بلوچستان ۾ سوئي سدرن گيس جي گهريلو صارفين جو انگ 3 لک 3 هزار 702 ۽ ڪمرشل صارفين جو انگ 2 هزار 779 آهي جڏهن ته 77 هزار 103 صارفين جا 44 ڪروڙ 40 لک رپيا بقايا آهن.










